شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڏتڙيل، بيوس ۽ لاچار عوام کي سياسي شعور ڏنو، پ پ حڪومت سندس جوڙيل رهنما اصولن تي عوام جي ڀلائي ۽ ترقيءَ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي جنم ڏينهن تي ملڪ کي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي کان پاڪ ڪرڻ جو عزم ڪيون ٿا: وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني
اسلام آباد - 04 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي مظلوم غريب، ڏتڙيل ۽ پٺتي پيل عوام کي سياسي ۽ سماجي شعور ڏنو ۽ هن سياسي، معاشي، سماجي، پرڏيهي معاملن، عدم تشدد ۽ مذهبي رواداري جي رهنما اصول جوڙيا، موجوده حڪومت شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي جوڙيل اصولن جي بنياد تي عوام جي بهبود ۽ ترقي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، اڄ سومر ڏينهن اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 80 هين سالگرهه جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو شهيد جو نالو ۽ مقام تاريخ جي ورقن تي اهڙا نقش ڇڏي ويو آهي جيڪو ايندڙ زمانن ۾ سياست جي شاگردن کي نه رڳو رهنمائي ڏيندو رهندو پر سماجي شعور جو درس به ڏيندو رهندو. هن چيو ته 5 جنوري اهل پاڪستان جي لاءِ هميشه هڪ تاريخ ساز ڏينهن طور ياد رکيو ويندو، جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو جهڙي بهادر ۽ قداور شخصيت جنم ورتو. وزيراعظم چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي مظلوم، غريب ۽ ڏتڙيل عوام جي لاءِ راهه مشعل هو، ان ڏس ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو قيام ڏکڻ اتر ايشيا جي تاريخ ۾ اهم موڙ جي حيثيت سان ياد رهندو، ڇو ته پاڪستان پيپلز پارٽي اها واحد پارٽي آهي جنهن سماجي محرومي جي شڪار عوام کي پنهنجي غذب ٿيل حق حاصل ٿيڻ جو شعور، سليقو ۽ حوصلو ڏنو. هن چيو ته 1971ع ۾ جڏهن پاڪستاني عوام ڍاڪا سانحي کان پوءِ مايوسي ۽ محرومي جي اونداهي ۾ ڀٽڪي رهيو هو تڏهن ذوالفقار علي ڀٽو شهيد جي ولولا انگيز شخصيت ۽ قيادت اهڙي هئي جنهن سياسي شعور جي مشعل سان قوم کي مايوسين مان ڪڍيو ۽ روشني جي رستن تي راهي ڪيو. وزيراعظم گيلاني چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اهو پهريون عوامي ۽ جمهوري اڳواڻ هو جنهن 1973ع ۾ پاڪستان کي هڪ متفقه وفاقي ۽ جمهوري آئين ڏنو ۽ ملڪ جي معاشي ۽ معاشرتي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، سندس دور ۾ هڪ طرف صنعتي ترقي جي لاءِ راهه هموار ٿي ته ٻي طرف تعليمي،ادبي، تحقيقي ۽ ثقافتي ادارا قائم ٿيا، ان ڏس ۾ پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس، اڪادمي، اديبات پاڪستان، لوڪ ورثا،نيشنل بوڪ فائونڊيشن، قائد اعظم يونيورسٽي ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جهڙا ادارا ذڪر لائق آهن، اهي اهڙا ادارا آهن جنهن سان سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي ساک بهتر ٿي ۽ ان سان گڏوگڏ دفاع ۽ صنعتي ضرورتن جي لاءِ بنيادي صنعتي ادارن جو ڄار وڇايو ويو، جيڪي اڄ به ملڪ جي صنعتي ۽ دفاعي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، پاڪستان آرڊيننس فيڪٽري، هيوي ميڪنيڪل ڪامپليڪس وغيره جو قيام اڄ به روشن مثالون آهن، سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستاني پاسپورٽ حاصل ڪرڻ جي لاءِ آسانيون ۽ سهولتون فراهم ڪيون، جنهن سبب لکين پاڪستاني ٻاهرين ملڪن ۾ ملازمتون حاصل ڪري وڏي مقدار ۾ پرڏيهي ناڻو موڪليو ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ پاڪستان جو نالو به متعارف ڪرايو. وزيراعظم چيو ته دنيا جي نقشي تي جيڪڏهن پاڪستان هڪ ايٽمي قوت طور تي موجود آهي ته اهو به صحرو پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني چيئرمين ۽ وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ولولا قيادت جي مٿي تي آهي ۽ اڄ اسان جو ملڪ هر قسم جي ٻاهرين جارحيت جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو ڀائر اسلامي ملڪن وچ ۾ دوستي، ٻڌي ۽ سياسي هم آهنگي جو جذٻو بيدار ڪيو ۽ پاڙيسري ملڪن سان دوستي ۽ خير سگالي جو بنياد رکيو، اسان جو سڀ کان عظيم پاڙيسري ملڪ چين اڄ به پاڪستان جو قابل اعتماد دوست آهي ۽ اها حقيقت اڄ به روشن آهي ته چين سان دوستي ۽ قابل فخر لاڳاپن ۾ سڀ کان اهم ڪردار شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني چيئرمين جي حيثيت سان ذوالفقار علي ڀٽو سماجي، سياسي، معاشي،پرڏيهي معاملا، عدم تشدد ۽ مذهبي رواداري جا رهنما اصول جوڙيا ۽ انهن ئي اصولن کي پنهنجو منشور بڻائي شهيد راڻي پاڪستان کي هڪ جمهوري ترقي پسند ۽ فلاحي ملڪ بڻائڻ جي جدوجهد دوران پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو. پ پ جي موجوده حڪومت ذوالفقار علي ڀٽو جي جوڙيل انهن رهنما اصولن جي بنياد تي عوام جي ترقي ۽ ڀلائي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگره جي ڏينهن اسان عهد ڪريون ته ايندڙ ڏينهن ۾ پنهنجي ملڪ کي هر قسم جي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کان پاڪ ڪري پاڪستان کي صحيح معنيٰ ۾ هڪ جمهوري ۽ فلاحي رياست بڻايون
Mumtaz Bhutto to register Benazir Murder FIR Judicial Magistrate South XIV Syed Nadeem Hussain granted bail on Monday to Sindh National Front (SNF) chief Mumtaz Ali Bhutto on a surety bond of Rs50,000 in... Muharram in Sau Quarter Korangi area Karachi KARACHI: On December 30, 2008, during the height of the Pakistani winter wedding season, a new Islamic year was ushered in with the start of Muharram. While... Mumtaz Bhutto’s arrest triggers protests in Sindh A partial strike was observed in several parts of Sindh on the call of the Sindh National Front (SNF) against the arrest of SNF Chairman Mumtaz Bhutto on...